چونڊن کان اڳ پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ واڌ جو امڪان

اسلام آباد (م ڊ) 8 فيبروري تي ٿيندڙ عام چونڊن کان اڳ ملڪ ۾ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي.  رپورٽ موجب پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ لاڳيتو گهٽتائي کان پوءِ هن ڀيري نگران حڪومت طرفان پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ واڌ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. رپورٽ موجب نگران حڪومت طرفان 31 جنوي کان 15 فيبروري تائين جي لاءِ پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ 7 روپيه في ليٽر تائين واڌ ڪري سگهجي ٿي پر ان بابت حتمي فيصلو آئل اينڊ گيس ريگوليٽري اٿارٽي(اوگرا) جي تجويز کان پوءِ ڪيو ويندو. جيڪڏهن پيٽروليم شين جي قيمت ۾ واڌ ٿي وڃي ٿي ته اها پهرين نومبر 2023 کان پوءِ پهريون اضافو هوندو. پيٽروليم شين تي نظر رکندڙ ماهرن جو چوڻ آهي ته هن ڀيري صورتحال مختلف هوندي ڇو ته گذريل هڪ هفتي جي دوران وچ اوڀر ۾ حوثي باغين جي بحره احمر ۾ بحري جهازن تي حملن سبب تيل جي قيمت ۾ اضافو ڏسڻ ۾ آيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.