لاڙڪاڻي جي ميئر تي جي يو آءِ ف جا جهنڊا ۽ بينر لاهڻ جو الزام

لاڙڪاڻو (رپورٽ:يوسف شيخ)لاڙڪاڻي جي ميئر پ پ قيادت جي حڪم تي لاڙڪاڻي شهر ۾ جمعيت علماءِ اسلام ف جا جهنڊا  ۽ بينر لاهڻ شروع ڪري ڇڏيا، اهڙو الزام مولانا ناصر محمود سومرو پنھنجي پريس پڌرائي جاري ڪندي هنيو آهي، ناصر محمود سومرو چيو ته ڏينهن رات ميونسپل ڪارپوريشن جون گاڏيون ۽ عملو عوام جي خدمت بجاءِ سياسي انتقام ۽ نفرت پکيڙڻ ۾ مصروف آهن، پيپلز پارٽيءَ جي سياست هاڻي مخالف سياسي جماعت جا جهنڊا ۽ بينر لاهڻ تائين محدود ٿي وئي آهي، ھن چيو ته خوفزده پ پ قيادت سياسي انتقام تي اچي وئي آهي، اسان جي قائد مولانا فضل الرحمان ۽ شھيد ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جي تصويرن جو مذاق اڏايو ويو آھي جيڪو ناقابل برداشت عمل آھي، پيپلز پارٽي ان ڪريل حرڪت کان پاسو ڪري ۽ اهو ڪري جيڪو برداشت ڪري سگهي، ھن چيو ته اليڪشن ڪميشن جي نالي تي رڳو لاڙڪاڻي ۾ سياسي ماحول خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، اليڪشن ڪميشن جي نالي تي سڄي سنڌ ۾ جھنڊا ۽ بينر لڳايا پيا وڃن ۽ لاڙڪاڻي کان لاٿا پيا وڃن، جيڪڏهن پيپلز پارٽي اسان جي جهنڊن ۽ بينر جي جاءِ تي پنهنجا جهنڊا ۽ جهنڊيون لڳائيون ته جمعيت جا ڪارڪن سخت احتجاج ڪندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.