سانگهڙ: پيپلزپارٽي اميدوارن شازيه مري ۽ نويد ڏيرو کان ووٽرز جو پڇاڻو

سانگهڙ (عوامي آواز نيوز) سانگهڙ جي قومي تڪ اين اي 209 تي پيپلزپارٽي جي اميدوارن شازيه مري ۽ نويد ڏيرو کان ووٽرز جو پڇاڻو،  علائقي جي چڱي مڙس غلام مصطفيٰ شازيه مري کي مخاطب ٿيندي چيو ته اسان جا ڪم نه ڪندئو ته پوءِ توهان کي ووٽ ڇو ڏينداسين، علائقي جي چڱي مڙس وڌيڪ چيو ته هتان جا ماڻهو ٻوڏ ۾ به ٻڏا هئا ۽ هاڻي واهه به اسان کي ٻوڙين پيا، ڳوٺ جي ٽٽل پل اڃا تائين نه ٺهرائي وئي آهي، ٻئي  اميدوار شازيه مري ۽ نويد ڏيرو ووٽرز جي پڇاڻي تي لاجواب ٿي ويا، شازيه عطا مري علائقي جي چڱي مڙس جي سوالن تي ڪو خاص جواب نه ڏئي سگهي بس ها، ها ڪندي رهي، چڱي مڙس چيو ته اسان کان ٻوڏ ۾ ڪنهن نه پڇو، پل به مون ذاتي پئسن مان ٺهرائي، مون کي انجيئر کان پئسي وٺرائي ڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.