فهميده مرزا کي چونڊ نشان نه ڏئي اليڪشن ڪميشن بدديانتي ڪئي: سردار رحيم

ڪراچي(رپورٽر ) گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائينس (جي ڊي اي) جي اطلاعات سيڪريٽري سردار عبدالرحيم چيو آھي ته قومي اسيمبلي جي  اڳوڻي اسپيڪر ڊاڪٽر فھميدہ مرزا کي اعلي عدليه پاران انصاف تي ٻڌل فيصلو اچڻ کانپوءِ اليڪشن ڪميشن پنھنجي جانبداري جو ثبوت ڏيندي کيس جي ڊي اي جو نشان تارو ڏيڻ کان انڪار ڪري چڏيو آھي، ڊاڪٽر فھميده مرزا جا غير قانوني طور تي نامزدگي فارم آر او رد ڪيا ھئا اليڪشن ڪميشن کي پنھنجي غلطي تسليم ڪرڻ گھرجي هن  چيو ته اسان انصاف حاصل ڪرڻ خاطر عدالت جو دروازو کڙڪائينداسين، اميد آھي ته انصاف ضرور ملندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.