ملڪ ۾ 25 سيڪڙو ماڻهو ذهني بيمارين جو شڪار، اڌ کان وڌيڪ علاج نٿا ڪرائين: ڊاڪٽر عبدالرحمان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ 5 کان 6 ڪروڙ ماڻهو ذهني بيماري ۾ مبتلا آهن، ذهني بيمار کي ذهني صحت تي ڌيان ڏيڻ گهرجي ۽ علاج ڪرائڻ گهرجي، انڪري ته هو گهر ۽ سماج جو هڪ ڪارآمد ماڻهو ٿي سگهي، هڪ اندازي موجب 70سيڪڙو ماڻهو علاج نٿا ڪرائي سگهن.
اهڙن خيالن جو اظهار مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪراچي نفسياتي اسپتال جي ڊاڪٽر سيد عبدالرحمان گلشن اقبال ۾ ڪراچي نفسياتي اسپتال جي هڪ شاخ جو افتتاح ڪندي ڪيو.
هن چيو ته پاڪستان جي 25 سيڪڙو آبادي ذهني بيماري سان متاثر آهي، مطلب چئن مان هڪ ماڻهو ذهني بيماري ۾ متبلا هوندو آهي، جنهن ماڻهو کي ذهني بيماري هوندي آهي، هو خودڪشي ڪرڻ جي لاءِ تيار هوندو آهي.
سندس چوڻ هو ته اسان جي ملڪ ۾ ذهني بيماري کي غلط طريقي سان استعمال ڪيو ويندو آهي اثر ويو آهي، جادو ٿي ويو آهي، جنهن ڪري ماڻهو جعلي حڪيمن، نقلي عاملن وٽ ويندا آهن، جيڪڏهن نفسياتي علاج جو چيو وڃي ته ماڻهو چويندا آهن اسان چريا آهيون ڇا.
ڊاڪٽر سيد عبدالرحمان موجب علاج لاءِ ايندڙن ۾ ڊپريشن 26.2 سيڪڙو،15سيڪڙو شيزوفرينيا ۽ 13.1 جنسي بيماري هوندي آهي، پاڪستان ۾ هر سال ذهني بيماري جي ڪري 2 هزار 3 سئو ماڻهو موت جو شڪار ٿيندا آهن، جڏهن ته نشي جي ڪري 3 هزار 4 سئو 50 ماڻهو فوت ٿي ويندا آهن.
هن چيو ته جيڪڏهن ماڻهو ذهني بيماري ۾ مبتلا آهي ته کيس فوري طور نفسياتي ماهر سان رابطو ڪرڻ گهرجي، دير ٿي وڃڻ سان گهروارن ۽ سماج جي لاءِ مشڪلون پيدا ٿي سگهن ٿيون، جڏهن ته مريض جي گهروارن کي ڊاڪٽر سان مڪمل سهڪار ڪرڻ گهرجي.
سندس چوڻ هو ته ڪراچي نفسياتي اسپتال ڪافي عرصي کان ڪم ڪري رهي آهي پر سماج ۾ ذهني بيمارين کي ڏسي اسان فيصلو ڪيو آهي ته ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ شاخون کوليون وينديون، اسان عوام کي نه رڳو علاج پر آگاهي به ڏيڻ چاهيون ٿا، اسان سنڌ جي سڀني ضلعن ۾ اهڙيون اسپتالون ٺاهينداسين ته جيئن ماڻهو آساني سان فائدو حاصل ڪري سگهن.
ان موقعي تي ڪراچي نفسياتي اسپتال جو باني ڊاڪٽرمبين اختر، گلشن اقبال ٽائون جو ناظم ۽ ٻيا ڊاڪٽر موجود هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.