شعيب ملڪ بنگلاديش پريميئر ليگ ڇڏي اوچتو دبئي روانو!

دبئي ( ويب ڊيسڪ ) ويجهڙ ۾ اداڪارا ثناءَ جاويد سان ٻي شادي ڪندڙ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو اڳوڻو ڪپتان شعيب ملڪ بنگلاديش پريميئر ليگ ( پي بي ايل ) ڇڏي دبئي روانو ٿي ويو آهي.
فارچيون باريشال جي ترجمان موجب، شعيب ملڪ گذريل ڏينهن ميچ کيڏي ذاتي مصروفيتن سبب اوچتو دبئي روانو ٿي ويو آهي، جڏهن ته هو 27 جنوري تي سهلٽ ۾ چٽاگانگ چئلينجرز خلاف ٿيندڙ ميچ ۾ دستياب هوندو، فلحال فارچيون باريشال جي ميچز ۾ وقفو هو انڪري شعيب ملڪ ڪجهه ڏينهن لاءِ دبئي ويو آهي.
ياد رهي ته شعيب ملڪ پنهنجي پهرين زال ڀارتي ٽينس اسٽار ثانيا مرزا کان عليحدگي اختيار ڪرڻ کانپوءِ 20 جنوري تي اداڪارا ثناءَ جاويد سان ٻي شادي جو اعلان ڪيو جنهن تي پاڪستاني عوام دنگ رهجي ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.