گوگل ڪروم ۾ نوان اي آءِ فيچرز شامل

گوگل پنهنجي مشهور ويب برائوزر ڪروم لاءِ نئين آرٽيفيشل انٽيليجنس متعارف ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي.
ڪمپني موجب نون اي آءِ ٽولز سان واهپيدارن لاءِ ويب سرفنگ وڌي سولي ۽ محفوظ ٿي ويندي.
اهي نوان فيچر ڪجهه هفتن دوران ڪروم جي ڊيسڪ ٽاپ ورجن تي واهپيدارن کي ملندا.
انهن مان هڪ فيچر ٽيب آرگنائز جو آهي، ان فيچر سان برائوزر کُليل ٽيبز کي نظر ۾ رکندي گروپس بڻائڻ جو مشورو ڏنو ويندو.
اي آءِ ٽيڪنالاجي پاران ٽيب گروپس جا نالا ۽ ايموجيز به واهپيدارن کي تجويز ڪيا ويندا.
ان فيچر کي استعمال ڪرڻ لاءِ ڪنهن به ٽيب جي مٿان مائوس ڪرسر رکي رائيٽ ڪلڪ ڪري Organize Similar Tabs کي سليڪٽ ڪرڻو پوندو.
ٻيو فيچر ٽيڪسٽ جنريٽر جو آهي.
اهو اي آءِ ٽول ان وقت ڪم ايندو جڏهن اوهان انٽرنيٽ تي ڪنهن به ٽيڪسٽ باڪس يا فيلڊ تي مائوس سان رائيٽ ڪلڪ ڪندا.
جڏهن اوهان ڪنهن ريويو يا ڪمينٽ جي ٽيڪسٽ باڪس يا فيلڊ تي رائيٽ ڪلڪ ڪندا ته اتي هيلپ مي رائيٽ آپشن کي سليڪٽ ڪري ڪجهه لفظ ٽائيپ ڪريو، جنهن کان پوءِ ٻيو ڪم ٽيڪسٽ جنريٽر ڪندو.
ٽيو فيچر اي آءِ وال پيپرز جي حوالي سان آهي.
ان فيچر کي استعمال ڪرڻ لاءِ ڪروم جي سائيڊ پينل تي ڪسٽمائز ڪروم تي ڪلڪ ڪري چينج ٿيم آپشن جي چونڊ ڪرڻي پوندي، جتي Create with AI تي ڪلڪ ڪندا.
ان جي ذريعي مختلف اسٽائلز جا مختلف وال پيپرز پاڻ تيار ڪري سگھبا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.