ملڪي معيشت کان لاتعلق سياست ۽ عوام

عالمي امداد جي سھاري ھلندڙ ھن ملڪ جي معيشت کي بھتر ڪرڻ جي لاءِ ڪنھن بھ اڪابر وٽ ڪو اھڙو پروگرام نھ آھي،جنھن تي ھلندي ملڪ کي قرضن واري ڌٻڻ مان ٻاھر ڪڍي سگھجي.

ملڪ ۾ چونڊون ٿيڻ واريون آھن،سياسي جماعتون عوام کي پاڻ ڏانھن ڇڪڻ جي لاءِ ووٽرن کي نوان پروگرام ڏئي رھيا آھن پر انھن مان ڪا بھ جماعت اھڙي نھ آھي،جنھن ۾ اھا صلاحيت ھجي تھ اھا ملڪ کي مالي بحران مان ڪڍي سگھي.

ملڪ جي ھن وقت جي مالي صورتحال بابت عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جي رپورٽ سامھون آئي آھي.جنھن ۾ ڄاڻايل معلومات مان اھو محسوس ٿي رھيو آھي تھ ملڪ مان مھانگائي جلد ختم ٿيڻ واري نھ آھي.نھ رڳو ايترو پر ملڪ ۾ بجلي،گئس سميت عام واھپي جي شين اگھن ۾ اضافي جا اشارا ملي رھيا آھن.

آءِ ايم ايف جي ان رپورٽ موجب پاڪستان تي پرڏيهي ادائيگين جو بار ايندڙ ڪجهه سالن تائين جاري رهندو،ايندڙ 3 سالن ۾ 71 ارب ڊالرن جي پرڏيهي فنانسنگ جي ضرورت پوندي.پاڪستاني معيشت بابت آءِ ايم ايف جي رپورٽ موجب پاڪستان ۾ مهانگائي  18.5 سيڪڙو جي شرح تي رهڻ جو امڪان آهي ۽ ٻهراڙي جي علائقن ۾ اھا مهانگائي  شرح 25.9 سيڪڙو تائين وڃي سگهي ٿي.رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پاڪستان تي پرڏيهي ادائيگين جو دٻاءُ فوري طور ختم نه ٿيندو، جيڪوڪجهه سالن تائين برقرار رهندو. رڳو موجوده مالي سال لاءِ 24.96 بلين ڊالر گهربل آهن.

عالمي اداري جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته جون تائين سرڪاري ملازمن ۽ پينشنرن جي پگهارن ۾ واڌ نه ٿيندي.ترقياتي بجيٽ ۾ 61 ارب رپين جي گهٽتائي ڪئي ويندي.جڏن تھ نيپرا بجلي جي اگهن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن بروقت جاري ڪندي، اوگرا گئس جي اگهن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن بروقت جاري ڪندو.

ڪي ماھر ان خيال جا آھن تھ ملڪ ۾ ڪڏھن بھ ٽيڪس وصولي جو سسٽم بھتر نھ ٿيڻ جي ڪري اھو بار ان حلقي تي پوي ٿو،جيڪو ٽيڪس ادا ڪري ٿو. اھو پڻ چيو وڃي ٿو تھ ملڪ جو ھڪ خاصو حصو ٽيڪس نيٽ ورڪ کان ٻاھر ھئڻ جي ڪري گھربل ٽيڪس ڪڏھن بھ جمع نھ ٿي سگھيو آھي. ڪجھه  سالن کان عالمي ادارن اڳيان جھڪڻ جي ڪري حڪومت غريب عوام ۽ وچولي طبقي جي مٿان بجلي ۽ گئس سميت پيٽرول جي مد ۾ ٽيڪس وڌائيندي رھي آھي،جنھن ڪري ڪجھه  سالن کان مھانگائي جي طوفان عام ماڻھو کان جيئن جو حق بھ کسي ورتو آھي. ان جي موٽ ۾ حڪومت ملڪ ۾ موجود آئين ۾ عوام کي مليل حق پڻ ڏيڻ کان قاصر رھي آھي.جنھن ڪري غريب ۽ امير وچ ۾ وڌندڙ وڇوٽي ۾ گھڻو فرق پئجي ويو آھي ۽ ھاڻي عام ماڻھوءَ جي آمدني ڪنھن بھ طرح ايتري نھ رھي آھي،جنھن سان ھو پنھنجو گذر ڪري سگھي. اڳي کان مھانگائي ۾ ورتل ماڻھون حڪومت جي عالمي اداري سان ڪيل معاھدن جي ڪري ايترو مالي دٻاءِ ۾ اچي ويو آھي،جو ھن وٽ ڪا بھ واٽ نھ بچي رھي آھي.

نگران حڪومت تھ عارضي ھئي پر ان کان اڳ وارين ۽ ان بعد ايندڙ حڪومتن مان بھ ڪا اھڙي اميد نظر نٿي اچي،جنھن سان اھو چئي سگھجي تھ ڪو عوام جي حياتيءَ ۾ ڦيرو ايندو.

سياسي جماعتن جو ڪم عوام جي مفادن وٽان پروگرام ڏيڻ ۽ انھن جي حياتيءَ جي معيار کي بھتر ڪرڻ ھوندو آھي پر شايد ئي ڪا اھڙي جماعت ھجي جيڪا عوام جي لاءِ ڪو عمل جوڳو ۽ عوام جي ڀلائي جو پروگرام ڏئي رھي ھجي.

ملڪ جي اختيارين ۽ اسٽيڪ ھولڊرز کي گھرجي تھ عوام جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ ڪي عمل ۾ ايندڙ پروگرام جوڙين،جئين مھانگائي ۾ ورتل ماڻھن کي ڪو رليف ملي سگھي،ٻي صورت ۾ ساڳي صورتحال برقرار رھڻ سان مجموعي طور تي سماج ۾ بگاڙ پئدا ٿيڻ جو خطرو پئدا ٿيندو،جنھن جو سڄي معاشري تي منفي اثر پوندو.

  • ڪراچي ۾ خودڪشي جو انوکو واقعو

ڪراچي جي علائقي وائرليس گيٽ وٽ هڪ شخص پنهنجي زال ۽ ٽن ٻارن کي قتل ڪرڻ کانپوءِ پاڻ به آپگهات ڪري ڇڏيو.پوليس موجب ھڪ اپارٽمينٽ جي ڇھين ماڙ تي واقع فليٽ مان عورت ۽ ٽن ٻارن جا لاش فرش تي پيل ۽ ھڪ شخص جو  لاش پکي ۾ ٽنگيل مليو آهي.سمجھيو پيو وڃي تھ گھر جي سربراھ مقتول احسن رضا رضوي پنهنجي زال ۽ ٽن ٻارن کي تيز وازار سان قتل ڪرڻ کانپوءِ خودڪشي ڪئي آھي.

بدقسمت گھر ڀاتين بابت پاڙي وارن جو چوڻ  آھي تھ مقتول احسن رضا رضوي نوڪري ختم ٿيڻ بعدگهڻو پريشان هو.ٻئي طرف لاشن ڀرسان احسن رضا رضوي جو مبينه خط مليو آهي.جنهن ۾ احسن رضا رضوي، زال ۽ ٻارن کي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آهي. ظاهر ڪيل خط ۾ احسن قتل کان پوءِ آپگهات ڪرڻ جو به ذڪر ڪيو آهي.آپگهات ڪندڙ احسن رضا رضوي گارمينٽس جو ڪاروبار ڪندو هو. 3 کان 4 مهينا اڳ مقتول کي ڪاروبار ۾ نقصان ٿيو هو.بظاھر واقعو خودڪشي جو لڳي ٿو،پر ان ھوندي بھ ان جي جاچ مڪمل ٿيڻ بعد ئي ڪجھه  چئي سگھجي ٿو.

ھڪ انسان جي چرپر سماج جي حالتن جو اولڙو ھوندي آھي،ھي پڻ ھڪ اھڙو ئي الميو ٿي سگھي ٿو.جنھن مان سماج جي صورتحال کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪرڻ گھرجي. جيتوڻيڪ ڪنھن بھ انسان جي اھڙي طرح جي ڏکوئيندڙ واقعي کي درست نٿو سمجھي سگھجي پر ھي ھڪ علامت آھن،جنھن مان اھو اندازو ٿئي ٿو تھ اسان جي آسپاس رھندڙ ماڻھن جي اندر ڇا ڪجھه  وھي واپري رھيو آھي. مايوسي ڏانھن ڌڪجي ويندڙ انسان کي وري اتساھ ڏياري زندگيءَ واري پاسي ڏانھن آڻڻ مشڪل عمل ھوندو آھي،ڇاڪاڻ جو ھن کي ھر قدم تي مسئلي جو ھڪڙو ئي حل نظر ايندو آھي،جڏھن تھ ذھن جي ان خاص ڪيفيت کان ٻاھر نڪرڻ سان توھان کي انھن مسئلن جا ڪيترائي حل پڻ نظر اچن،ٿا جن کي اوھان ڀوڳي رھيا ھوندا آھيو.

وس وارن ۽ اختيارين کي عوام جي مايوسي ڏانھن ويندڙ صورتحال جو ادارڪ ڪندي ان جي ممڪن حل ڏانھن غور ڪرڻ ۽ ان کي لاءِ تڪڙن قدم کڻڻ جي گھرج آھي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.