ووٽ گهرندڙن کان پڇو ته اهي ٻوڏ ۽ ڪورونا مهل ڪٿي هئا: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ شرجيل ميمڻ چيو آهي ته اڄڪلهه چونڊن جو ماحول آهي، ووٽ گهرندڙن کان پڇيو وڃي ته اهي ٻوڏ ۽ ڪورونا ۾ ڪٿي هئا؟
پي ايس 61 ۾ ڪارنر ميٽنگ کي خطاب ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته مخالفن جون ضمانتون ضبط ٿينديون، 8 فيبروري تي بلاول کي وزيراعظم بڻائڻ لاءِ تير تي ٺپو هڻو.
هن چيو ته اڄ جيڪي جماعتون ووٽ گهري رهيون آهن، انهن کان پڇيو وڃي ته اهي ٻوڏ ۽ ڪورونا مهل ڪٿي هئا؟ جيڪي ڏک سک ۾ عوام سان گڏ نه هئا، انهن کي ووٽ گهرڻ جو به حق ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.