شاهه خاور پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو چيئرمين بڻجي ويو!

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پي سي بي اليڪشن ڪمشنر شاهه خاور پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو وقتي چيئرمين بڻجي ويو آهي.
ذريعن موجب، وقتي چيئرمين شاهه خاور سڀاڻي قذافي اسٽيڊيم ۾ جارچ سنڀاليندو، هو بورڊ جي چونڊن تائين فرض سر انجام ڏيندو.
پي سي بي گورننگ باڊي جو نامزد رڪن محسن نقوي فلحال گورننگ بورڊ جي ميمبر طور ڪم ڪندو.
وقتي چيئرمين امڪاني طور تي هڪ مهيني ۾ بورڊ جون چونڊون ڪرائيندو ۽ جلد بورڊ آف گورنرز جي جوڙجڪ جو اعلان ڪندو، جڏهن ته محسن نقوي پي سي بي چيئرمين لاءِ چونڊ وڙهندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.