اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروبار جو هاڪاري ڏينهن، 100 انڊيڪس ۾ 514 پوائنٽن جي واڌ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ ڪاروبار جو هاڪاري ڏينهن رهيو.
اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروباري ڏينهن ۾ 100 انڊيڪس 1108 پوائنٽن جي بينڊ ۾ رهيو پر ڪاروبار جي پڄاڻي تي 100 انڊيڪس 514 پوائنٽن جي واڌ سان 64454 تي بند ٿيو.
100 انڊيڪس جي اڄ بلند ترين سطح 64658 رهي.
شيئرز بازار ۾ 42 ڪروڙ 57 لک شيئرز جا سودا ٿيا، جن جي ماليت 24.99 ارب رپيا رهي.
مارڪيٽ ڪيپٽلائيزيشن 51 ارب رپيا واڌ سان 9414 ارب رپيا رهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.