واٽس ۾ وري هڪ نئون فيچر شامل

واٽس ايپ پاران لاڳيتو مختلف نون ۽ دلچسپ فيچرز تي ڪم جاري رهندو آهي ته جيئن واهپيدارن کي ٻين سروسز جو رخ نه ڪرڻو پوي.
اهڙي ئي هڪ نئين فيچر کي واٽس ايپ جي ويب ورجن جو حصو بڻايو پيو وڃي جنهن سان واهپيدارن کي چيٽس آرگنائز ڪرڻ ۾ مدد ملندي.
واٽس ايپ جي بيٽا ورجن ۾ چيٽ فلٽرز نالي فيچر جي آزمائش ڪئي پئي وڃي.
واٽس ايپ ويب جي فيڊ تي آل، ان ريڊ، ڪانٽيڪٽس ۽ گروپس فلٽرز جو اضافو ڪيو پيو وڃي.
اهو فيچر واهپيدارن لاءِ گھڻو ڪم جو ثابت ٿيندو.
مثال طور تي جيڪڏهن هو ڪنهن سبب جي ڪري ڪجهه ميسيجز نٿا ڏسي سگھن ته ان ريڊ آپرشن تي ڪلڪ ڪري انهن ميسيجز تائين پهچ ممڪن ٿي ويندي.
اهڙي طرح جيڪڏهن گروپس جي ميسيجز کي ڏسڻ چاهيو ٿا ته گروپس فلٽر تي ڪلڪ ڪريو، پوءِ اوهان جي آڏو رڳو اُهي ميسيجز هوندا جيڪي گروپن ۾ موڪليا ويا هوندا.
ڪانٽيڪٽس جي آپشن تي ڪلڪ ڪرڻ تي اوهان جي آڏو رڳو اُهو ئي ميسيجز نظر ايندا جيڪي فون ۾ اينڊ ڪانٽيڪٽس اوهان کي موڪليا هوندا.
جيئن مٿي بيان ڪري چڪا آهيون ته اهو فيچر بيٽا ورجن ۾ متعارف ڪرايو ويو آهي پر اهو چوڻ ڏکيو آهي ته ڪيستائين اهو فيچر سمورن واهپيدارن کي دستياب هوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.