کونگھرن جي آواز تي هڪ شخص پاڙيسري کي قتل ڪري ڇڏيو

آمريڪي رياست پينسلوانيا ۾ زوردار کونگھرا ڪرڻ تي تڪرار هڪ شخص جي قتل جو سبب بڻجي ويو.

پرڏيهي خابرو اداري موجب اهو افسوسناڪ واقعو پنسلوانيا جي اپرمورلينڊ ٽائون شپ ۾ پيش آيو، جتي هڪ شهري زوردار کونگھرن تي زباني تڪرارتان پنهنجي پاڙيسري کي قتل ڪري ڇڏيو.

پوليس موجب 62 سالن جي رابرٽ والس جو پنهنجي پاڙيسري 55 سالن جي ڪرسٽوفر سان ڪافي وقت کان کونگھرن تي جهيڙو هلندڙ هو، جنهن کان تنگ اچي هن ڪيترائي ڀيرا پوليس کي فون ڪيو.

پوليس موجب قاتل ڪرسٽوفر ٻڌايو ته واقعي جي ڏينهن هو پنهنجي گھر ۾ کاڌو کائي رهيو ته رابرٽ وسلن دريءَ مان سندس گھر ۾ داخل ٿيو، رابرٽ ۽ هن وچ ۾ ڏند چڪ ٿيا جنهن دوران رابرٽ کيس ڊيڄاريو ۽ ڌمڪايو به نه هو، هو جيهڙو ختم ڪرڻ چاهي پيو جنهن لاءِ

هن مون کي کونگھرا گھٽائڻ لاءِ نڪ جي سرجري لاءِ پنهنجي پاس مان رقم ادا ڪرڻ جي آڇ به ڪئي هئي ان ڪري آئون رابرٽ کي چاقو هڻي قتل ڪري ڇڏيو.

فوٹوبشکریہ غیر ملکی میڈیا

پوليس موجب ڪرسٽوفر گذريل هفتي جهيڙي کانپوءِ پوليس کي فون ڪيو، جڏهن پوليس واقعي واري هنڌ پهتي ته رابرٽ ۽ ڪرسٽوفر کي چاقو سان زخمي حالت ۾ ڏٺو، رابرٽ اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.