سنڌ جو عوام اميدوارن کان 52 ھزار ايڪڙ زمين تي لڳل ڌاڙي بابت پڇاڻو ڪري:لال جروار

ٽنڊوالھيار (رپورٽ : حسرت لغاري) سنڌ جي باضمير ۽ باشعور ماڻھن کي  گھرجي ته چونڊ وڙھندڙ اميدوارن کان سنڌ جي 52 ھزار ايڪڙ زمين تي لڳل ڌاڙي بابت پڇاڻو ڪن. سنڌ جي زمين تي قبضا ڪرائيندڙ نگران  سرڪار کي پيپلز پارٽي جي سرپرستي حاصل آھي. اھڙو اظھار عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار ٽنڊوالھيار پريس ڪلب جي اليڪشن ۾ ڪامياب ٿيندڙ عھديدارن کي ھار پارائي مبارڪباد ڏيڻ کان پوءِ صحافين سان ڳالھائيندي ڪيو. اسماعيل  خاصخيلي ايڊووڪيٽ، پي ايس 58 تي چونڊ وڙھندڙ اميدوار سائين بخش جروار وڪيل ۽ عوامي تحريڪ جو ضلعي صدر عبدالرحمان سمون پڻ گڏ ھئا. صحافين سان ڳالھائيندي هن چيو ته  اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته عوامي تحريڪ جا سمورا اميدوار ڀرپور اليڪشن مهم هلائي، وڏيرن جو سخت مقابلو ڪندا. گڏجاڻي ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ زرعي انقلاب جي نالي تي سنڌ جي زمينن تي ٿيندڙ قبضن خلاف 25 جنوري تي سانگهڙ، 26 جنوري تي مٺي، 27 جنوري تي ٽنڊولهيار، 30 جنوري تي سامارو، 31 جنوري ۽ پهرين فيبروري تي نوشهروفيروز ۾ مسلسل ٻه ڏينهن احتجاجي ريليون ڪڍيون وينديون. جڏهن ته 3 فيبروري تي ٽنڊو باگو ۾ ريلي ڪڍي سنڌ جي زمينن تي قبضن خلاف ڀرپور احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويندو. ھن چيو ته عوامي تحريڪ سنڌي عوام کي اپيل ٿي ڪري ته اھي اقتداري اميدوارن کان پڇاڻو ڪري ته اهي سنڌ جي زمينن تي قبضن خلاف جدوجهد ڇو نٿا ڪن. مجرمانه خاموشي ڇو اختيار ڪئي اٿن؟ سکر _حيدرآباد ايم 6 موٽر وي کي سي پيڪ رٿا مان خارج ڪرڻ جي مذمت ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر چيو ته سي پيڪ رٿائن ۾ سنڌ ۽ بلوچستان کي جيڪو فائدو ملڻ گهرجي، سو وفاقي سرڪار جي ٻه اکيائي سبب ملي ناهي سگهيو. هن مطالبو ڪيو ته سي پيڪ رٿائن ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جي نوجوانن کي اوليت جي بنياد تي روزگار ڏنو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.