ڪراچي (رپورٽر)ڪراچي ۾ چونڊ مهم دوران هوائي فائرنگ جو اليڪشن ڪميشن نوٽيس ورتوآهي . پي ايس 105 تڪ تي چونڊ مھم دوران هوائي فائرنگ جو ڊسٽرڪٽ مانيٽرنگ آفيسر نوٽيس وٺي وضاحت طلب ڪري ورتي آهي .ڊسٽرڪٽ مانيٽرنگ آفيسر جي ڊي اي اميدوار عرفان الله مروت کي نوٽيس جاري ڪندي ٻن ڏينهن ۾ جواب طلب ڪري ورتوآهي .نوٽيس جي متن چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن پاران جاري ڪيل ضابطا اخلاق جي آرٽيڪل 17 موجب چونڊ مهم دوران فائرنگ تي پابندي لاڳو آهي. ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسر اوڀر چيو ته ھوائي فائرنگ جو مقصد مخالف پارٽي کي ڊيڄارڻ ۽ پنھنجي طاقت جو مظاھرو ڪرڻ آھي، ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسر اوڀرچيو ته فائرنگ جي وڊيو ثبوت طور موجود آھي، ٻن ڏينھن ۾ جواب جمع ڪرايو، ٻي صورت ۾ توھان خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي،