سنڌ حڪومت وٽ گهڻا فنڊز آهن پر درست استعمال نه پيا ٿين: عمر سومرو

ڪراچي (رپورٽر)نيشنل يوٿ اسيمبلي سنڌ جي زير اهتمام صوبائي اسيمبلي جي ڪميٽي روم ۾ سيشن ٿيو. سيشن جو خاص مهمان قانون  ۽ انساني حقن وارو صوبائي وزير عمر سومرو هو. سيشن ۾ سيڪريٽري قانون علي احمد بلوچ، سيڪريٽري هيومن رائيٽس سنڌ تحسين فاطمه پڻ شرڪت ڪئي. نيشنل يوٿ اسيمبلي سنڌ جي ميمبرن عدالتن جي خراب صورتحال ۽ ٻين معاملن تي ڳالهايو. نگران قانون واري وزير عمر سومرو جو نيشنل يوٿ اسيمبلي جي اجلاس ۾ نوجوانن کي خطاب چيو ته نگران سنڌ حڪومت صوبي جي بارز کي 13.5ڪروڙرپيا جاري ڪري ڇڏيا آھن، عمر سومرو چيو ته سنڌ جا سمورا جيل شهري آبادي کان ٻاھر ھجڻ گھرجن، قانون وارو وزير عمر سومرو ڪراچي جيل کي شهر کان ٻاهر منتقل ڪرڻ جي ضرورت آھي. ڪراچي جيل کي شهري آبادي کان ٻاھر منتقل ڪرڻ لاءِ ڪم ھلي پيو، عمر سومرو چيو ته سنڌ جي عدالتن جي ڪارروائي لائيو اسٽريمنگ ٿيڻ گهرجي. منهنجي ذاتي راهه  آهي ته صوبن ۾ ايم پي ايز هاسٽل نه هئڻ گهرجن، اهو عوام جي ٽيڪس جو پئسو آهي. سنڌ حڪومت وٽ تمام گهڻا فنڊز آهن پر اهي استعمال سھي نه ٿا ٿين، قانون واري وزير چيو ته سنڌ حڪومت جا صوبي ۾ 18 لاڪاليجز آهن، جن ۾ ڪراچي ۾ 3 لا ڪاليج ۽ هڪ يونيورسٽي به شامل آهي. سيڪريٽري هيومن رائيٽس تحسين فاطمه  چيو ته  نوجوان هن ملڪ جو مستقبل آهن، انهن کي اڳتي آڻڻو پوندو. اسان سنڌ جي انساني حقن واري کاتي ۾ نوجوان کي موقعو ڏئي رهيا آهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.