زهريلي پولرائزيشن جي خاتمي لاءِ گرينڊ ڊائلاگ جي ضرورت آهي: سراج الحق

لاهور( پ ر)جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته ملڪ ۾ زهريلي پولرائزيشن جي خاتمي لاءِ گريند نيشنل ڊائلاگ جي  ضرورت آهي. جماعت اسلامي 8فيبروري تي ڪامياب ٿي سمورين پارٽين کي هڪ هنڌ ويهاري نفرتن جو خاتمو ڪندي ته جئين مستحڪم پاڪستان جو بنياد رکي سگهجي دير پائن ۾ جلسن ڪارنر گڏجاڻي کي خطاب ڪندي هن  چيو ته وڌندڙ آبادي جي مد نظر 40سالن جو معاشي منصوبي جي ضرورت آهي ۽ جماعت اسلامي اليڪشن منشور ۾ پنج سالن جو منصوبو ڏنو آهي جنهن ۾ تمام بنيادي نڪتا به واضح آهن هن چيو ته ملڪ ۾ بجلي چوري ۽ لائن لاسز جو خاتمو ڪيو ويندو،هن وقت ملڪ 25ڪروڙ آبادي تي مشتمل آهي،صحت تعليم ۽ ٻين بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ رياست جي ذميواري آهي جيڪا اڳوڻي حڪومت پوري نه ڪئي هن وقت پورا پوڻا ٽي ڪروڙ ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن. جڏهن ته ستر فيصد آبادي صاف ۽ سٿري پاڻي لاءِ پريشان آهي، هن چيو ته  ڪرپشن عروج تي آهي احتساب جي ادارن کي مذاق بڻايو ويو آهي سراج الحق چيو ته عوام پ پ ن ليگ جي حڪومتن ۽ ڊڪٽيٽر جي حڪومتن کي به آزمايو آهي هاڻي جماعت اسلامي کي آزمايو ڇو ته جماعت اسلامي ملڪ کي ڪرپشن بدامني بي روزگاري کان ڪڍي ملڪ ۾ خوشحالي آنندي عوام 8فيبروري تي صرف ۽ صرف تراجي کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪري.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.