ميرپور خاص (بيورو: رپورٽ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي ڀيڻوي ۽ اڳوڻي ايم اين اي مير منور علي ٽالپر جي ڀائٽي مير سيف علي ٽالپر ي ڳوٺ ڪوٽ ميرس لانڍي ويندي ميرواھه روڊ تي ٻن ڪارن ۾ سوار هٿياربندن روڪڻ جي ڪوشش ڪئي. مير سيف پاران ڪار نه روڪڻ تي هٿياربندن سندس گاڏي تي فائرنگ ڪري ڏني، واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي پوليس گرفتار نه ڪري سگهي. ذريعن موجب گاڏي ۾ سوار فيملي جو تعلق ٽالپر خاندان سان هجڻ ۽ مير منور ٽالپر جا ويجها مائٽ ھجڻ جو انڪشاف ٿيڻ تي جوابدارن پاران تڙتڪڙ ۾ واقعي واري هنڌ تان فرار ٿيڻ دوران جوابدارن جو موبائل فون ڪرڻ ۽ ڪريل موبائل فون پوليس کي هٿ اچڻ جا چوٻول آھن جڏھن ته مير سيف پاران واقعي ۾ ملوث پوليس جي وردي پهريل هڪ جوابدار جي سڃاڻپ ڪري اختيارين کي تفصيل ڏيڻ جا اطلاع آھن. ان حوالي سان رابطي تي مير سيف ٽالپر جي والد مير غلام حسين ٽالپر صحافين کي ٻڌايو ته سندس پٽ مير سيف ٽالپر واقعي بعد لاڳيتو ڳڻتي ۾ آهي.هن چيو ته ڪار تي فائرنگ ڪندڙ ڌاڙيل يا ڦورو نه هئا، آڌي رات جو ڌاڙيلن جيان جهنگ ۾ سندس پٽ ۽ خاندان کي قتل ڪرڻ جي نيت سان فائرنگ ڪئي وئي. هن چيو ته ڪار تي فائرنگ ڪندڙ اهلڪارن جي سڃاڻپ ٿي وئي آھي جن خلاف ميرواھ گورچاڻي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرايو پيو وڃي. ان حوالي سان ايس ايس پي ميرپورخاص عادل ميمڻ سان رابطي جي ڪوشش ڪئي وئي پر رابطو نه ٿي سگهيو.