چين جي ايران ۽ پاڪستان وچ ۾ اختلافن کي ڳالهين سان حل ڪرڻ جي هدايت

بيجينگ (اين اين آءِ) چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان وانگ ون بين هڪ  روزاني پريس ڪانفرنس ۾ ايران ۽ پاڪستان  متعلق مسئلن تي چيو ته چين ايران ۽ پاڪستان سان ويجها رابطا رکي ٿو، ترجمان موجب  ايران ۽ پاڪستان دوست پاڙيسري ۽ چين  جا سٺا دوست آهن،  چين هميشه علائقائي ۽ انٽرنيشل استحڪام کي برقرار رکڻ لاءِ پر ازم رهيو آهي، ايران ۽ پاڪستان وچ ۾  اختلافن  کي ڳالهين ۽ مشاورت  سان حل ڪرڻ جي  حمايت ڪري ٿو،  اسان ايران ۽ پاڪستان جي ٻنهي جي گهرن جي بنياد تي ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي بهتر  بڻائڻ لاءِ هاڪاري ۽ تعميري ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ به تيار آهيون.

اسلام آباد جي فيصل ايونيو پل وٽان لاش هٿ

اسلام آباد ( م ڊ) اسلام آباد جي فيصل ايونيو پل وٽان لاش هٿ آيو آهي. اسلام آباد پوليس موجب فيصل ايونيو وٽان مليل لاش بظاهر خودڪشي آهي، مقتول ذهني بيماري جو شڪار هو. پوليس جو چوڻ آهي ته وارثن جي مدد سان وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.  خودڪشي ڪندڙ آءِ 9 جو رهواسي آهي.

صحافي نجم سيٺي ” سما “ ٽي وي تي پروگرام شروع ڪندو

لاهور ( عوامي آوازنيوز ) نامياري صحافي نجم سيٺي ”سما“ ٽي وي تي پروگرام شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي ، نامياري صحافي منصور علي خان جو چوڻ آهي  ته تازو ”سنو“ ٽي وي تان استعيفيٰ ڏيندڙ  عورت اينڪر پرسن سان نجم سيٺي پروگرام شروع ڪندو، جيئن اڳ به هڪ ٽي وي چينل تي پروگرام ڪندو هئو

شاهد خاقان جو نالو اي سي ايل مان خارج ڪرڻ تي نيب کان جواب طلب

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جو نالو ايگزيڪٽ ڪنٽرول لسٽ مان خارج ڪرڻ جي خلاف داخل درخواست تي نيب حڪام کي  ايندڙ ٻڌڻي تي جواب جمع ڪرائي جو حڪم ڏيندي ڪيس 29 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏيو آهي. درخواستگذار جي وڪيل خواجه نويد چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ گرفتاري اڳ واري ضمانت ۾ نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.