بلاول جي 10 نقاطي ايجنڊا ۾ملڪي مسئلن جو حل آهي: آصفه ڀٽو

لاهور(م ڊ) شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ڌيءَ آصفه ڀٽو زرداري بلاول هائوس ۾ پ پ ڪارڪنن سان ملاقات ڪئي. آصفه ڀٽو زرداري پارٽي ڪارڪنن کي هدايت ڪئي آهي ته هو اين اي 127 تي چونڊ مهم تيز ڪن. ان موقعي تي آصفه ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو 10 نقاطي ايجنڊا پاڪستان جي سمورن مسئلن جو حل آهي،  10 نقاطي ايجنڊا عام ماڻهو کي مهانگائي ۽ بيروزگاري کان بچائيندو. آصفه ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان جي عوام هر هنڌ ريلي ۾ شرڪت ڪري پيغام ڏنو آهي ته هو ملڪ ۾ سياسي استحڪام چاهين ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.