اسلام آباد (م ڊ) ايران ۾ بي ايل ايف جي ٺڪاڻن تي پاڪستاني اسٽرائيڪ ۾ مارجي ويل دهشتگردن جا ڇرڪائيندڙ تفصيل سامهون اچي ويا آهن.مارجي ويل دهشتگرد دوسته عرف چيئرمين ضلعي پنجگور جو رهواسي هو جنهن 2013 ۾ بلوچ لبريشن فرنٽ ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ بي ايل ايف جي ڪمانڊر فضل شير عارف طاهر گروپ جو ميمبر هو.دوسته زامران سيڪٽر ۾ منشيات فروشي، ڦر مار ۾ ملوث هجڻ سان گڏوگڏ پروم سيڪٽر ۾ قانون لاڳو ڪندڙن ادارن جي خلاف ڪيترن ئي حملن ۾ ملوث رهيو. مارجي ويل دهشتگردن ۾ اصغر عرف بشام جو پٽ سرور به شامل آهي جيڪو ضلعي پنجگور جو رهواسي هو.8 جون 2021 تي اصغر عرف بشام جو پٽ به سرور به شامل آهي جيڪو ضلعي پنجگور جو رهواسي هو. 8 جون 2021 تي اصغر عرف بشام فرنٽيئر ڪور جي پيٽرول پارٽي تي گاواش چڪر بازار جڏهن ته 20 جولاءِ 2021 تي ضلعي پنجگور ۾ فرنٽيئر ڪور جي پيٽرول پارٽي کي فائرنگ جو نشانو بنايو. انهي فيبروري 2023 ۾ پنجگور جي بس اسٽينڊ تي فائرنگ ڪري محمد انصر کي شهيد ڪيو. 21 نومبر 2023 تي ان جي فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ سپاهي شهيد ٿي ويو.مارجي ويل دهشتگرد محمد وزير عرف وازو شروعاتي طور تي 14-2013 ۾ بلوچ ريپبلڪن آرمي ۾ جڏهن ته 2019 ۾ بلوچ لبريشن فرنٽ ۾ شموليت اختيار ڪئي. دهشتگرد محمد وزير عرف وازو بي ايل ايف جي دهشتگرد عابد عرف چاڪر جو ڀاءُ هو. اهو پروم ۽ گوارگو، ضلعي پنجگور ۾ ڪيترين ئي دهشتگردي جي سرگرمين جو حصو هو.مارجي ويل دهشتگرد بجر عرف سوغات 2016 کان بي ايل ايف جو حصو هو جيڪو پروم سيڪٽر ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن تي ڪيترن ئي دهشتگرد حملن ۾ ملوث هو. مارجي ويل دهشتگردن ۾ ساحل لنگ عرف شفق به شامل هو. جيڪو معصوم پاڪستانين ۽ سيڪيورٽي فورسز جي خلاف ڪيترن ئي دهشتگرد حملن ۾ ملوث رهيو. ساحل لنگ دهشتگرد بلبل جو ڀاءُ هو ۽ مارگٽ ۽ برنائي جي علائقي ۾ ڀتو وٺڻ ۽ دهشتگردي جي ڪارروائين ۾ ملوث هو.