پاڪستان ڇڏڻ وارين خبرن بابت سرفراز احمد اهم بيان اچي ويو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان سرفراز احمد ملڪ ڇڏڻ وارين خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي.
پنهنجي بيان ۾ اڳوڻي ڪپتان سرفراز احمد چيو ته هن کي پنهنجو ملڪ ڇڏڻ وارين خبرن جو ٻڌي يقين نه ٿو اچي ڏاڍو پريشان آهي، هن واضح ڪندي چيو ته سندس بابت گردش ڪندڙ خبرن ۾ ڪا به سچائي نه آهي.
هن چيو ته هو پاڪستان ڇڏڻ تي پري جي ڳالهه ان بابت سوچي به نٿو سگهي.
سرفراز احمد ميڊيا جي رويي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته اهڙي قسم هٿ ٺوڪيون خبرون هلائڻ کان پهرين هن کان تصديق ڪرڻ گهرجي ها.
واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ خبرون گردش ڪري رهيون هيون ته سرفراز احمد پنهنجي مستقبل بابت مايوس ٿي پاڪستان ڇڏي ڏنو آهي ۽ هو پنهنجي فيملي سميت برطانيا منتقل ٿي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.