ججن خلاف سوشل ميڊيا مهم شروع ڪندڙن جي نشاندهي ٿي وئي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چونڊ نشان جي فيصلي کانپوءِ عدليا خلاف سوشل ميڊيا تي مهم هلائيندڙن جو گهيرو تنگ ڪري ورتو.
اطلاعات واري نگران وزير مرتضيٰ سولنگي ايف آءِ اي ۽ پي ٽي اي اختيارين سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته گڏيل فيصلي کانپوءِ سپريم ڪورٽ جي ججن خلاف ڪِريل مهم شروع ڪندڙن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي.
هن مهم هلائيندڙن کي خبردار ڪندي چيو ته قانون ۽ آئين خلاف مهم کان مُڙي وڃو.
ايف آءِ اي جي ڊائريڪٽر آپريشنز وقار الدين چيو ته 5 سئو کان وڌيڪ جوابدارن جي سوشل ميڊيا اڪائونٽن جي نشاندهي ٿي وئي آهي، وڌيڪ جي مانيٽرنگ جاري آهي، انهن سڀني کي قانون جي دائري ۾ آندو ويندو.
هن چيو ته ملوث ماڻهو ملڪ ۾ هجن يا ٻاهر، انهن خلاف پيڪا قانون تحت ڪارروائي ٿيندي.
ان موقعي تي پي ٽي اي اختيارين چيو ته مواد هٽائڻ جو اختيار رکون ٿا، ان صورتحال ۾ اسان جو بنيادي ڪم انٽرنيٽ بلاڪ ڪرڻ ۽ مواد کي ڊليٽ ڪرڻ آهي، سوشل ميڊيا جي آئوٽ ريچ تمام وڌيڪ ۽ آسان آهي، ماڻهن کي ان جي استعمال جو شعور ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.