روهت شيٽي، شاهه رخ خان سان اڻبڻت وارين خبرن تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان سان ناراض هجڻ وارين خبرن تي نامور هدايتڪار روهت شيٽي خاموشي ٽوڙي ڇڏي اهي.
روهت شيٽي ۽ شاهه رخ خان چناءِ ايڪسپريس ۽ دلي والي ۾ گڏ ڪم ڪيو، ڊگهي عرصي کان گڏ ڪم نه ڪرڻ تي انڊسٽري ۾ ٻنهي جي اڻبڻت جا افواهه گردش ڪري رهيا آهن.
پر ان حوالي سان روهت شيٽي پنهنجي هڪ بيان ۾ شاهه رخ خان سان جهيڙي ۽ ناراض هئڻ وارين خبرن جي جي ترديد ڪندي چيو ته جيڪڏهن کيس ڪا سٺي ڪهاڻي ملي ته هو ڪنگ خان سان گڏ ضرور ٻيهر ڪم ڪندو.
هن چيو ته شاهه رخ خان سان نئين فلم لاءِ ڪهاڻي چناءِ ايڪسپريس کان وڌيڪ سٺي هئڻ گهرجي ٻي صورت ۾ جيڪو معيار رکيو ويو آهي ان تائين نه پهچي سگهنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.