سرڪاري ملازمن کي وڏو ڌچڪو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت آءِ ايم ايف کي ايندڙ بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن جون پگهارون نه وڌائڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي.
آءِ ايم ايف کي ٽيڪسٽائل ۽ ليدر سيڪٽر تي سيلز ٽيڪس، کنڊ تي 5 رپيا في ڪلو فيڊرل ايڪسائز ڊيوٽي لڳائڻ ۽ هلندڙ مالي سال سرڪاري ملازمن جي پينشن ۽ پگهارن ۾ واڌ نه ڪرڻ جي خاطري ڪرائي وئي آهي.
سامهون ايندڙ دستاويز موجب پاڪستان آءِ ايم ايف کي چيو آهي ته هلندڙ مالي سال پينشن ۽ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ واڌ نه ڪنداسين، ترقياتي بجيٽ ۾ 61 ارب رپين جي بچت ڪنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.