علي بابا ڪمپني جو باني ” هاري“ بڻجي ويو!

اي ڪامرس ڪمپني علي بابا جو باني جيڪ ما ٽيڪنالاجي جي دنيا جي ڄاتل سڃاتل شخصيت آهي، 2019ع ۾ رٽائرمينٽ وٺندڙ، 29 ارب ڊالرز کان وڌيڪ اثاثن جو مالڪ ڊگهي عرصي کان عوام جي نظرن کان اوجهل آهي.
آڪٽوبر 2020ع جيڪ ما پاران چين جي بئنڪنگ ريگوليٽرز تي تنقيد ڪئي وئي هئي جنهن کانپوءِ اختيارين سندس آنٽ گروپ جي 37 ارب ڊالرز جي آءِ پي او روڪي ڇڏي هئي.
جنهن کانپوءِ جيڪ ما وري نظر نه آيو ۽ گذريل سال ڪجهه عرصو هڪ جپاني يونيورسٽي ۾ اعزازي پروفيسر طور ڪم ڪيو ۽ اتي پڙهندو به رهيو.
علي بابا جي قيام کان اڳ جيڪ ما انگريزي استاد طور پڙهائيندو رهيو، هاڻي لڳي ٿو ڪيريئر جي ٽئين مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آهي.
آڪٽوبر 2020ع کانپوءِ جيڪ ما دنيا جي مختلف تدريسي ادارن ۾ زراعت بابت تعليم حاصل ڪندو رهيو.
حقيقت ۾ جيڪ ما هاءِ ٽيڪ فارمنگ واري شعبي ۾ مهارت حاصل ڪئي آهي.
اسپين، نيڌرلينڊز، جپان ۽ ٿائيلينڊ ۾ هن ايگروٽيڪ واري شعبي ۾ تعليم حاصل ڪئي.
نومبر 2023ع ۾ هن هوانگزو ماز ڪچن فوڊ نالي ڪمپني جو بنياد وڌو، اِها ڪمپني زرعي مصنوعات جي پراسيسنگ ۽ ريٽيل جو ڪم ڪرڻ سان گڏگڏ پري پيڪنگ فوڊز وڪرو ڪندي آهي.
جيڪ ما ڪڏهن به عوامي طور واضح ناهي ڪيو ته هن زراعت واري شعبي ۾ نئون ڪيريئر ٺاهڻ جو فيصلو ڇو ڪيو آهي، پر آگسٽ 2023ع ۾ هڪ وڊيو خطاب دوران هن ان بابت پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو هو.
وڊيو خطاب دوران هن چيو هو ته ” مون محسوس ڪيو آهي ته زراعت واري شعبي ۾ ڪاميابي لاءِ وڌيڪ وسيلن جي ضرورت ناهي پر انوکي سوچ ۽ تخيل رکندڙ ماڻهو ان ۾ ڪاميابي ماڻي سگهن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.