محسن نقوي پي سي بي مئنيجمينٽ ڪميٽي جو سربراهه مقرر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ )پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي کي پي سي بي مئنيجمينٽ ڪميٽي جو سربراهه مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي.
ذريعن موجب، نگران وزيراعظم محسن نقوي جي پي سي بي مئنيجيمنٽ ڪميٽي جي چيئرمين ۽ بورڊ آف گورنرز جي ميمبر طور مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته بين الصوبائي رابطا ( آءِ پي سي ) واري وزارت محسن نقوي جي مقرري جو نوٽيفيڪيشن جاري ڪندي.
واضح رهي ته محسن نقوي هن وقت پنجاب جو نگران وڏو وزير به آهي.
ياد رهي ته 19 جنوري کي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي مئنيجمينٽ ڪميٽي جي سربراهه ۽ ميمبر بورڊ آف گورنرز ذڪاءَ اشرف عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.