اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ هاڪاري ڏينهن، 100 انڊيڪس 657 پوائنٽون وڌي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ ڪاروبار جو هاڪاري ڏينهن رهيو.
اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروباري هفتي جي پهرئين ڏينهن 100 انڊيڪس 657 پوائنٽن جي واڌ سان 63939 تي بند ٿيو.
ڪاروباري ڏينهن ۾ 100 انڊيڪس 951 پوائنٽن جي بينڊ ۾ رهيو ۽ 100 انڊيڪس جي اڄ بلند ترين سطح 64090 رهي.
شيئرز بازار ۾ 29 ڪروڙ شيئرز جا سودا 12.5 ارب رپين ۾ طئي ٿيا، مارڪيٽ ڪيپٽلائيزيشن 96 ارب رپيا وڌي 9361 ارب رپيا آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.