اسلام آباد جي تعليمي ادارن ۾ حملن جو خدشو، ٿريٽ الرٽ جاري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد جي تعليمي ادارن ۾ حملن جي خدشي سبب ٿريٽ الرٽ جاري ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب حملن جي منصوبابندي ڪالعدم تنظيم طرفان ڪئي وئي آهي، اسلام آباد جي وڏن تعليمي ادارن ۾ حملن جو خطرو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن طرفان ٿريٽ الرٽ جاري ڪيو ويو آهي، حملي لاءِ عورت آپگهاتي بمبار کي استعمال ڪري سگهجي ٿو.
ذريعن موجب اسلام آباد جون ڪيتريون ئي يونيورسٽيون ۽ اسڪول بند ڪيا ويا، حملا 22 کان 24 جنوري دوران ٿي سگهن ٿا.
حملي جي ان ٿريٽ کانپوءِ اسلام آباد ۾ 4 يونيورسٽين کي اڻڄاتل مدي لاءِ بند ڪيو ويو آهي.
اسلام آباد پوليس موجب سيڪيورٽي جا انتظام سخت آهن، چونڊ مهم دوران احتياط جي ضرورت آهي، پوليس پنهنجي طرفان سمورا قدم کڻي رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.