مخالفن کي نه پٽينديس، عمل قبر تائين پيڇو ڪندا آهن: مريم نواز

مانسهرا (ويب ڊيسڪ) ن ليگ جي چيف آرگنائيزر مريم نواز چيو آهي ته اڄ جيڪي ڀوڳي رهيا آهن، انهن کي پٽڻ نٿي چاهيان.
مانسهرا ۾ جلسي کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته جيڪي ماڻهو ملين ٽري سونامي جو نعرو کڻي آيا، اهي اڳ کان لڳل وڻن جو ڪاٺ به کپائي ويا، خيبر پختونخواهه ڪو تجربي گاهه ناهي جو ڪير اچي ۽ تجربو ڪري هليو وڃي.
هن چيو ته نواز شريف جا بدترين مخالف رڳو سياسي مخالف نه هئا پر ذاتيات تي لهي آيا هئا، اڄ اهي ڀوڳي رهيا آهن، انهن کي پٽڻ نٿي چاهيان پر انسان جا عمل ان کي گهڻو پري ڇڏي ايندا آهن، قبر تائين پيڇو ڪندا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.