گوگل پاران موبائيل فون واهپيدارن جي سهولت لاءِ دنگ ڪري ڇڏيندڙ فيچر متعارف

گوگل موبائيل فون واهپيدارن لاءِ هڪ شاندار فيچر متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي، جنهن جي مدد سان هاڻي کين انٽرنيٽ تي سرچنگ ۾ وڌيڪ آساني ٿيندي.
انٽرنيٽ ٽيڪنالاجي جي سڀ کان وڏي ڪمپني گوگل ويب ورجن کانپوءِ هاڻ اينڊرائيڊ فونز تي گوگل سرچ ۾ لينس جهڙو هڪ فيچر متعارف ڪرايو آهي جنهن کي ” سرڪل سرچ “ جو نالو ڏنو ويو آهي.
ان فيچر جي مدد سان واهپيدار ڪنهن به تصوير جي هڪ حصي کي فوڪس ڪري يا چوڌاري دائرو ٺاهي ان جو اصل ورجن يا ان سان ملندڙ جلندڙ شيون ڳولي سگهن ٿا، هي فيچر ڊيسڪ ٽاپ ۽ ويب واهپيدار ڊگهي عرصي کان استعمال ڪري رهيا آهن.
نئون فيچر فيڪٽ چيڪ يا تحقيق ڪرڻ وارن واهپيدارن لاءِ تمام گهڻو ڪارائتو ثابت ٿي سگهي ٿو، ڇو ته جيڪڏهن هو ڪنهن به وائرل تصوير کي هاءِ لائيٽ ڪري سرچ ڪندا ته ان جي پوري تفصيل ۽ پهريان شيئر ڪيل تصويرون سيڪنڊن ۾ سامهون اچي وينديون.
اينڊرائيڊ فونز ۾ سرڪل سرچ تمام سولو آهي، واهپيدارن کي انٽرنيٽ جي ڪنهن به ويب سائيٽ يا ايپليڪيشن تي نظر ايندڙ تصوير تي ڪلڪ ڪرڻو آهي، جيئن ئي تصوير تي دائرو ٺاهيندا، سرچ جو آپشن نظر ايندو ۽ اسڪرين پاڻمرادو سرچ تي هلي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.