سڄي ملڪ مان ڪيترا اميدوار چونڊون وڙهندا؟ تفصيل جاري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي سڀني تڪن جا فارم 33 ويب سائيٽ تي جاري ڪري ڇڏيا.
اليڪشن ڪميشن عام چونڊن جي اميدوارن جي فهرست جاري ڪري ڇڏي ۽ قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي سڀني تڪن جا فارم 33 ويب سائيٽ تي جاري ڪيا ويا.
فارم 33 ۾ هر تڪ جي اميدوارن جي حتمي فهرست ۽ اميدوارن جي چونڊ نشان جا تفصيل به شامل آهن.
تفصيلن موجب سڄي ملڪ مان قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي جنرل سيٽن تي مجموعي طور 17 هزار 816 اميدوار چونڊ وڙهندا.
مجموعي طور تي سياسي جماعتن جا 16 هزار 31 اميدوار قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي چونڊ وڙهندا، 11 هزار 785 آزاد اميدوار ميدان ۾ آهن.
قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي جنرل سيٽن تي 882 عورتون ۽ 4 کدڙا فقير به چونڊ وڙهندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.