اي ميل لاءِ جي ميل جو استعمال ڪرڻ وارن لاءِ اهم خبر

جيڪڏهن اوهان اي ميلز لاءِ گوگل جي سروس جي ميل استعمال ڪري رهيا آهيو ته ان ۾ موجود انتهائي فيچر جو وڌارو ڪيو پيو وڃي.
گوگل طرفان اينڊرائيڊ فونز لاءِ جي ميل ايپ ۾ هيلپ مي رائيٽ نالي فيچر کي وڌيڪ بهتر بڻايو پيو وڃي.
اِهو فيچر آرٽيفيشل انٽيليجنس ( اي آءِ ) ٽيڪنالاجي کي استعمال ڪري اي ميلز کي ڊرافٽ ڪرڻ ۾ مدد ڪندو آهي.
واهپيدار اي آءِ بوٽ کي لکت ۾ هدايتون ڏئي پنهنجي مرضي جي اي ميلز لکرائيندا آهن.
پر ويجهي مستقبل ۾ اوهان کي ڪي بورڊ ڇهڻ جي ضرورت به نه پوندي ڇو ته اوهان رڳو زباني طور اِهو ڪم ڪري سگهندا.
اينڊرائيڊ اٿارٽي جي رپورٽ موجب، جي ميل ايپ ۾ هڪ نئين فيچر جي آزمائش ڪئي پئي وڃي، ڊرافٽ اي ميل ود يور وائس نالي فيچر ذريعي اوهان اي ميل لاءِ زباني طور هدايتون ڏئي سگهندا.
رپورٽ موجب، ان مقصد لاءِ جي ميل ايپ ۾ هڪ اي آءِ بوٽ جو واڌارو ڪيو پيو وڃي، جيڪو آڊيو هدايتن کي ڌيان ۾ رکندي اي ميل لکي ڊرافٽ ڪري ڇڏيندو.
وائس ٽائپنگ انٽر فيس پاڻمرادو هڪ وڏو مائيڪ بٽڻ اسڪرين تي ان وقت اوپن ڪري ڇڏيندو جڏهن اوهان هڪ نئين اي ميل لکڻ شروع ڪندا يا ڪنهن اي ميل تي جواب( ريپلاءِ ) ڏيڻ چاهيندا.
ان بٽڻ تي ڪلڪ ڪري اوهان پنهنجي هدايتون رڪارڊ ڪرائيندا ۽ ان کانپوءِ ڪريئيٽ بٽڻ تي ڪلڪ ڪندا ته جيئن اي آءِ ٽيڪنالاجي اي ميل ڊرافٽ ڪري سگهي.
فلحال اِهو واضح ناهي ته گوگل طرفان اِهو فيچر ڪيستائين اينڊرائيڊ فونز ۾ موجود جي ميل ايپ لاءِ متعارف ڪرايو ويندو.
هن وقت هيلپ مي رائيٽ فيچر به آمريڪا ۾ گوگل ورڪ اسپيس ليبز واهپيدارن تائين محدود آهي ۽ رڳو انگريزي هدايتن تي ڪم ڪري ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.