سنڌ پوليس ۾ تمام گهڻيون سياسي ڀرتيون ٿيون آهن: نگران گهرو وزير

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي نگران گهرو وزير حارث نواز چيو آهي ته پوليس ۾ تمام گهڻيون سياسي ڀرتيون ٿيون آهن، سيڪيورٽي ڪليئرنس به نه ورتي وئي.
نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي حارث نواز چيو ته عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت جي ڀرپور ڪوشش ڪري رهيا آهيون، اسان ڪراچي ۾ گهڻي حد تائين منشيات ۽ ٻين ڏوهن کي ڪنٽرول ڪيو آهي.
هن چيو ته نظام تمام گهڻو خراب ٿي چڪو آهي، ان کي ٺيڪ ڪرڻ ۾ وقت لڳندو، سياسي دٻاءَ ۾ نه اينداسين، اسان پوليس ۾ تبديليون ڪيون آهن، ميرٽ تي پوسٽنگون ڪيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.