پاڪستان کي ايندڙ ٽن سالن دوران 71 ارب ڊالرز جي پرڏيهي فنڊنگ گهربل

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) آءِ ايم ايف جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان تي پرڏيهي ادائيگين جو ٻوجهه ايندڙ ڪجهه سالن تائين جاري رهندو، پاڪستان کي ايندڙ ٽن ورهين دوران 71 ارب ڊالرز جي پرڏيهي فنانسنگ ضرورت آهي.
پاڪستاني معيشت بابت آءِ ايم ايف جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ مهانگائي 18.5 سيڪڙو جي شرح تي رهڻ جي اميد آهي، ٻهراڙي وارن علائقن ۾ مهانگائي جي شرح 25.9 سيڪڙو تائين وڃي سگهي ٿي.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان تي پرڏيهي ادائيگين جو دٻاءُ فوري طور ختم نه ٿيندو ۽ ڪجهه سال وڌيڪ رهندو، پاڪستان کي ايندڙ ٽن سالن دوران 71 ارب 88 ڪروڙ ڊالرز جي ايڪسٽرنل فنانسنگ جي ضرورت آهي، رڳو هلندڙ مالي سال 24 ارب 96 ڪروڙ ڊالرز جي پرڏيهي فنڊنگ گهربل آهي.
رپورٽ موجب، پاڪستان کي سال 2025ع ۾ 22 ارب ڪروڙ ڊالرز ۽ 2026ع ۾ 24 ارب 67 ڪروڙ ڊالرز جي ضرورت هوندي، پاڪستان جي قرضن جو ڪاٿو غير پائيدار ۽ پرڏيهي خطرا وڌيڪ آهن، چئلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ عالمي مالياتي ادارن ۽ مختلف ملڪن کان ڳري فنانسنگ گهربل هوندي، حڪومت آءِ ايم ايف کي پرڏيهي فنانسنگ جي انتظامن جي خاطري ڪرائي ڇڏي آهي.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جو ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو معيشت جو 1،6 سيڪڙو رهندو جڏهن ته مالياتي ادارن طرفان فنڊنگ ۾ دير معيشت کي نقصان رسائي سگهي ٿي.
آءِ ايم ايف رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته مالياتي ادارن طرفان فنڊنگ ۾ دير سان رپئي جي قدر متاثر ٿي سگهي ٿي ۽ عالمي منڊي ۾ کاڌي پيتي جون شيون مهانگيون ٿيڻ سبب پاڪستاني عوام به متاثر ٿيندي.
آءِ ايم ايف جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته جون تائين سرڪاري ملازمن ۽ پينشنرز لاءِ ڪو اضافو نه ٿيندو، ترقياتي بجيٽ ۾ 61 ارب رُپين جي ڪٽوتي ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.