پ پ اڳواڻ برهان چانڊيو ۽ عامر مگسي ۾ اختلاف برقرار، ڪارڪن مايوس

وارھه (رپورٽ : منظورقريشي) وارھ جي تڪ پي ايس  17 تي  پيپلز پارٽي جي اميدوار برھان خان چانڊيو ۽  اين اي 97 جي اميدوار عامر مگسي هڪٻئي سامهون اچي ويا آهن.

ٻئي پ پ اميدوار گڏجي نه سگهيا ،ھڪ ئي پارٽي سان لاڳاپيل  اميدوارن جو ھڪ ٻئي خلاف سياسي پاليسيون نظر اچي رهيو آهن ٻئي طرف ٻوڏ متاثر علائقن ۾  ڪارنر گڏجاڻي دوران برھان خان چانڊيو کان سوال ڪرڻ تي ووٽرن کان موبائيل فون  بند ڪرايون ويون، گڏجاڻي ۾ ڳوٺاڻي سوال ڪيو ته سائين اسان کي ڇا ڏنو اٿوَ، جنهن موجود ماڻهن سندس موبائيل فون بند ڪرائي ڇڏي.

پ پ ايم اين اي عامر مگسي بابت سوال تي برھان خان ووٽرن کي چيو ته  ايم اين اي جو ذميوار مان ناھيان. هوڏانهن پارٽي ڪارڪن اميدوارن جا  اختلاف ڏسي پريشان ٿي ويا آهن ٻئي پاسي وارھه  ۾ تقريب کي خطاب ڪندي پي ايس 17جي اميدوار سياست ۾ نئون پير پائيندڙ  جاويد کوکهر عوام کي الله پاڪ جا واسطا ڏيندي چيو ته  ھن ڀيري ساڳيا اميدوار نه چونڊيو، کليل آسمان ھيٺ ويٺل ٻوڏ متاثرن کي ڏسو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.