اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ گذريل ڪجهه ڏينهن کان جاري ڇڪتاڻ جي خاتمي کانپوءِ ٻنهي ملڪن جا سفارتي لاڳاپا ٻيهر بحال ڪيا پيا وڃن.
پرڏيهي کاتي جي ترجمان موجب، ٻنهي ملڪن جا سفير 26جنوري کان پنهنجي پوزيشن تي بحال ٿي ويندا.
پاڪستاني سفير تهران ۾ پنهنجون ذميواريون سنڀاليندو جڏهن ته ايران جي پاڪستان ۾ سفير به 26 هين جنوري تي واپس اچي ويندو.
ٻنهي ملڪن ۾ سفارتي لاڳاپن جي بحالي کانپوءِ پاڪستان جي دعوت تي ايراني پرڏيهي وزير حسين امير عبدالهيان 29 جنوري تي پاڪستان جو دورو ڪندو، ان دوران هو نگران پرڏيهي وزير سميت اهم ملاقاتون پڻ ڪندو.
You might also like