شھدادڪوٽ (رپورٽ: ثمر ڀٽي ) شھدادڪوٽ ڀرسان ڪارنھن جي الزام ھيٺ جوابدار بندوق جا فائر ڪري پنهنجي نوجوان مڱيندي کي قتل ڪري ڇڏيو، سنجرڀٽي ٿاڻي جي حد ڳوٺ علي مراد جتوئي ۾ حنيف جتوئي نالي جوابدار پنهنجي17 ورھين جي مڱيندي شبانا جتوئي کي ڪارنھن جي الزام ھيٺ بندوق جا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو ۽ واقعي بعد فرار ٿي ويو، جڏهن ته اطلاع تي سنجر ڀٽي پوليس واقعي واري ڳوٺ پھچي مقتول ناري جو لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ شھدادڪوٽ اسپتال کڻائي آندو جتان ضروري ڪاروائين بعد وارثن حوالي ڪيو، ٻڌايو پيو وڃي ته جوابدار حنيف جتوئي ۽ مقتول ناري شبانا جتوئي رشتي ۾ سوٽ ھئا ۽ جن جو ننڍپڻ ۾ ئي رشتو طئي ٿيل ھو ۽ ھڪ ئي گھر ۾ رھندا ھئا، رات کيس مڱيندي ڪارنھن جي الزام ھيٺ قتل ڪيو..