پيپلز پارٽي رت ۾ شامل آهي، ڪير به ڌار نٿو ڪري سگهي: اعتزاز احسن

لاهور (م ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ سينيئر  قانوندان چوڌري اعتزاز احسن چيو آهي ته پيپلز پارٽي منهنجو خاندان آهي، منهنجي رت ۾ شامل آهي، پارٽي کي مون کان ڪير به ڌار نٿو ڪري سگهي. لاهور ۾ پيپلز پارٽي جي جلسي کي خطاب ڪندي اعتزاز احسن چيو ته هو ڏهه سال اڳ هتي وڪيلن جي تحريڪ جي اڳواڻي ڪري رهيو هو.مون کي بار بار چيو ويندو هو ته وڪيلن جي اڳواڻي ڪرڻي آهي ته پيپلز پارٽي ڇڏي ڏيو.  هن چيو ته مان چوندو هئس ته پيپلز پارٽي منهنجو خاندان آهي، اها منهنجي رت ۾ شامل آهي، پ پ کي مون کان ڪير به ڌار نٿو ڪري سگهي، ماضي ۾ اهو تصور ڪيو ويو ته مان پيپلزپارٽي ۾ ناهيان، اهو تصور بلڪل غلط هو، مان سامهون آهيان. مان بلاول ڀٽو ۽ آصفه ڀٽو سان گڏ بيٺو آهيان. اعتزاز احسن چيو ته پيپلز پارٽي جي حڪومت 3 ڀيرا آئي، ائين ڪڏهن به نه ٿيو ته هڪ ئي وزيراعظم هجي، جيئن نواز شريف هڪ ئي وزير اعظم رهيو، يوسف رضا گيلاني، راجا پرويز شريف وزيراعظم رهيا ۽ بلاول جو وارو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.