هزارين اسرائيلي روڊن تي، نيتن ياهو شيطاني چهرو قرار

تل ابيب (ويب ڊيسڪ) اسرائيلي راڄڌاني تل ابيب ۾ هزارين ماڻهن احتجاجي مظاهري دوران اسرائيلي وزيراعظم ۽ حڪومت خلاف سخت نعريبازي ڪندي نيتن ياهو کي هٽائين نئين چونڊن جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
يرغمالين جي آزادي ۾ حڪومتي ناڪاميءَ تي ڪاوڙيل مظاهرين نيتن ياهو کي شيطان جو چهرو قرار ڏيندي سندس حڪومت تي اسرائيل جي سلامتي کي خطري ۾ وجهڻ جو الزام لڳائي ڇڏيو.
متاثر خاندانن سان واسطو رکندڙ مظاهرين جو چوڻ هو ته نيتن ياهو حڪومت 7 آڪٽوبر جينهن ڏينهن اسان کي نظرانداز ڪيو ۽ ان کان پوءِ روز اسان کي نظرانداز ڪري رهي آهي.
مظاهرين جو چوڻ هو ته ان صورتحال کي تبديل يا ان جي مرمت ڪرڻ جي طاقت اسان وٽ آهي ان ڪري هن حڪومت کي هاڻ گھر ڀيڙو ٿيڻو پوندو جنهن تي مظاهرين هي هجوم ”هاڻي ئي واپس وڃ“ جي نعرا هڻڻ شروع ڪري ڇڏيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.