وڏي وزير جو اهم معاهدي ڏانهن ڌيان ڇڪائڻ لاءِ وزيراعظم کي خط

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي نگران وڏي وزير مقبول باقر سکر – حيدرآباد موٽر وي معاهدي ڏانهن ڌيان ڇڪائڻ لاءِ وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ کي خط لکي ڇڏيو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته مضبوط روڊن جو ڄار واپار، رابطي ۽ ترقي ۽ خوشحالي لاءِ ضروري آهي.
سنڌ جي وڏي وزير خط ۾ لکيو ته پشاور کان ڪراچي موٽر ويز جو نيٽ ورڪ انتهائي اهميت رکي ٿو، موٽر وي ڪراچي ۽ گوادر بندرگاهن لاءِ واپاري راهداري جو ذريعو آهي.
جسٽس (ر) مقبول باقر لکيو ته ايم 6 موٽر وي چين، افغانستان ۽ وچ ايشيائي رياستن کي ملائي ٿو، پشاور ڪراچي موٽر وي منصوبي جا سمورا اهم روڊ مڪمل ٿي چڪا آهن پر سڀ کان اهم حصو حيدرآباد – سکر لنڪ روڊ اڃا تائين اڻپورو آهي، ايم 6 سائيٽ تي عملدرآمد ۽ اڳڀرائي نه ٿيڻ ڳڻتيءَ جو سبب آهي.
خط ۾ وڌيڪ چيو ويو ته معاهدي جي ڀڃڪڙي اعليٰ اسٽريٽيجڪ اهميت رکندڙ منصوبي لاءِ سٺي ناهي، چاهيان ٿو ته وفاق ان حوالي سان اختيارين کي جلد کان جلد هدايتون جاري ڪري.
وڏي وزير خط ۾ لکيو ته وزيراعظم کي درخواست آهي ته ذاتي دلچپسي وٺي منصوبو پورو ڪرائي، عوام کي محفوظ ۽ اثرائتا ڪوريڊور منصوبا فراهم ڪرڻ اسان جي ترجيح آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.