لاهور (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ 17 وزارتون ۽ اشرافيا کي ڏني ويندڙ سبسڊي بند ڪري ٿيندڙ بچت عوام تي خرچ ڪنداسين.
لاهور ۾ چونڊ مهم جي سلسلي ۾ جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته نيٺ ڪيستائين پنجاب تي ڪڏهن شوباز ته ڪڏهن وسيم اڪرم پلس کي وڙهي لاهور کي سزا ڏني ويندي؟ پ پ کي لاهور ۾ گهٽ انگ جو مهڻو ڏيندڙ وساري ويٺا ته لاهور ۾ ڪارڪنن ذوالفقار علي ڀٽو جي شهادت تي آپگهات ڪيا، بي بي پاڪستان آئي ته لاهور شاندار آجيان ڪئي ۽ کيس وزيراعظم بڻايو.
هن چيو ته 10 نڪاتي ايجنڊا تي عمل ڪندي اقتدار ۾ اچي 17 وزارتون ۽ اشرافيا کي ڏني ويندڙ سبسڊي بند ڪنداسين ۽ پئسو عوام تي خرچ ڪنداسين، مون کي وزيراعظم بڻايو ته 5 سالن ۾ توهان جي پگهار ٻيڻي ڪري ڇڏيندس، سولر پئنل ذريعي 300 يونٽن تائين بجلي مفت ڏينداسين، عورتن ۽ هارين کي ڪارڊ فراهم ڪنداسين.
سندس چوڻ هو ته ن ليگ ڀرپور طاقت ۽ دهشت سان تحريڪ انصاف ڪارڪنن کان انتقام وٺي رهي آهي، اسان سدائين انتقامي سياست جي مخالفت ۽ سياسي قيدين جي آزادي جي ڳالهه ڪئي آهي.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پي ٽي آءِ جا نوجوان چونڊن ۾ ضرور ووٽ وجهن، توهان جيان پ پ به ن ليگ جا ظلم برداشت ڪيا، نوجوان منهنجو پيغام گهر گهر پهچائين، لاهور ۾ ته ڪو نظر نه پيو اچي، ووٽ کي عزت ڏيو جو نعرو هڻندڙ گم آهن.
”پي ٽي آءِ جيان پ پ به ن ليگ جا ظلم برداشت ڪيا، ووٽ کي عزت ڏيو جو نعرو هڻندڙ گم آهن“
You might also like