نيوزيلينڊ ۾ شڪست، محمد حفيظ جو حقيقتون قوم سامهون رکڻ جو فيصلو

لاهور (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڊائريڪٽر محمد حفيظ نيوزيلينڊ دوري ۾ شڪست تي حقيقتون قوم سامهون رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته محمد حفيظ ڏيهه واپسي تي پريس ڪانفرنس ڪندو، امڪاني طور پريس ڪانفرنس جمعي تي لاهور ۾ ٿيندي.
ذريعن موجب محمد حفيظ پريس ڪانفرنس ۾ ٻڌائيندو ته نيوزيلينڊ دوري ۾ قومي رانديگرن تي ڇو ڏنڊ لڳا، هاڪاري نتيجا ڇو نه آيا، وڏن رانديگرن جا نمبر ڇو تبديل ڪيا ويا، رانديگرن کي ڊراپ ۽ آرام ڏيڻ جو فيصلو ڇو ڪيو ويو؟
واضح رهي ته نيوزيلينڊ ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ پاڪستان کي 1-4 تان شڪست ڏني آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.