پاڪستان ۾ رمضان ڪڏهن کان شروع ٿيندو؟

رياض (ويب ڊيسڪ) فلڪيات جي ماهر ۽ ايمريٽس ايسٽرانومي سوسائٽي جي چيئرمين ابراهيم الجروان چيو آهي ته سعودي عرب ۾ رمضان المبارڪ 11 مارچ 2024 کان شروع ٿيندو، ان حوالي سان پاڪستان ۾ رمضان المبارڪ جي شروعات 12 مارچ کان ٿي سگهي ٿي.
هن چيو ته هن ڀيري 26 سالن کانپوءِ رمضان المبارڪ سياري ۾ شروع ٿي رهيو آهي. سعودي عرب ۾ هن ڀيري رمضان المبارڪ جا 8 کان 9 روزا سياري ۾ ايندا.
سندس چوڻ هو ته 2031 تائين رمضان المبارڪ سياري ۾ ايندو رهندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.