حمائمه ملڪ جي پهرين محبت ڪهڙو ڀارتي اداڪار هو؟

لاهور (ويب ڊيسڪ) ناليواري اداڪارا حمائمه ملڪ انڪشاف ڪيو آهي ته منهنجو سڀ کان پهريون ڪرش سلمان خان هو.
پنهنجي انٽرويو ۾ حمائمه ملڪ چيو ته جڏهن مان شوبز ۾ قدم رکيو ته ان وقت اهو ئي ارادو هو ته رڳو معياري ڪم ڪنديس، جنهن تي اڃا تائين عمل ڪري رهي آهيان.
هن انڪشاف ڪيو ته سلمان خان جي تمام وڏي مداح آهيان، ننڍپڻ ۾ سلمان خان جا پوسٽ ڪارڊ خريد ڪندي هيس، مون کي سلمان خان جي ڪري ئي فلمن ۾ دلچپسي ٿي ۽ ان کان متاثر ٿي ئي اداڪارا بڻجڻ چاهيو.
سندس چوڻ هو ته مان پنهنجي چاهيندڙن جي ٿورائتي آهيان، جن جي محبت جي ڪري هن مقام تي پهتي آهيان، مان جيترو به ڪم ڪيو، ان ۾ چاهيندڙن جو تمام گهڻو عمل دخل آهي، مان مستقبل ۾ به سٺو ڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪنديس.
هڪ سوال جي جواب ۾ حمائمه ملڪ چيو ته مان اڄ تائين جيڪو به ڪم ڪيو آهي، ان مان مطمئن آهيان.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.