اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عدالت ۾ عدم پيسي تي بحريا ٽائون جي سربراهه ملڪ رياض ۽ پٽ جي ملڪيت ضبط ڪئي وئي.
ملڪيت ضبط ڪرڻ جي حوالي سان حڪم نامو اسلام آباد جي احتساب عدالت ون جي جج محمد بشير جاري ڪيو.
ضبط ڪيل ملڪيت ۾ بئنڪ اڪائونٽ، ايراضي، گاڏيون ۽ ٽريڪٽر شامل آهن.
ضبط ڪيل ايراضي تي بحريا ٽائون جون آفيسون به قائم آهن.
ان حوالي سان نيب، ايڪسائز آفيس ۽ بئنڪن کي هدايتون جاري ڪيون ويون.
واضح رهي ته 6 جنوري کان ملڪ رياض ۽ سندس پٽ اشتهاري قرار ڏنا ويا آهن.
Next Post
You might also like