نواز شريف ۽ مريم نواز جي چونڊ مهم بابت پلان تيار

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ پارٽي قائد نواز شريف ۽ چيف آرگنائيزر مريم نواز جي لاهور ۾ چونڊ ريلين جو پلان تيار ڪري ورتو.
ذريعن موجب ن ليگ لاهور ۾ سياسي ريليون ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو آهي، فيصلو ن ليگ قائد نواز شريف سان اسحاق ڊار ۽ بلال ياسين جي ملاقات ۾ ڪيو ويو.
پارٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته نواز شريف ۽ مريم نواز جو لاهور ۾ ريليون ڪڍڻ جو پلان تيار ڪيو ويو آهي، ن ليگ قائد هڪ ٻه ڏينهن ۾ لاهور جي مختلف تڪن ۾ ريليون ڪڍندو.
ذريعن موجب نواز شريف ۽ مريم نواز ريلين دوران مختلف هنڌن تي خطاب به ڪندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.