ٿڌ کان تنگ مسافرن ٽرين ۾ باهه ٻاري ڇڏي

سياري ۾ باهه تي هٿ سيڪڻ عام ڳالهه آهي پر شديد ٿڌ کان تنگ ڪجهه مسافرن ٽرين ۾ ئي باهه ٻاري ٻين مسافرن جون حياتيون خطري ۾ وجهي ڇڏيون.
ڀارتي ميڊيا موجب اهو واقعو ڀارت جي مسافر ٽرين ميرٺ پرياگ راج سنگم ايڪسپريس ۾ پيش آيو، ان ٽرين ۾ ڀارتيا ڪسان يونين جو نائب صدر ڪشال پال جا سپورٽرز به سوار هئا جن ٿڌ وڌڻ سبب ٽرين ۾ ئي ڪاغذن سان باهه لڳائي ڇڏي ۽ هٿ سيڪڙڻ شروع ٿي ويا جنهن سبب بوگيءَ ۾ دونهون ڀرجي ويو.

People started warming their hands by lighting a bonfire in a moving train - India TV Hindi
ٽرين ۾ سوال هڪ مسافر جي باهه ٻارڻ جي وڊيو بنائي ۽ ريلوي انتظاميا کي آگاهه ڪيو جنهن تي ريلوي انتظاميا ٽرين کي ڪانپور سينٽرل اسٽيشن تي روڪي ڇڏيو.
ريلوي انتظاميا باهه ٻاريندڙ مسافرن کي سخت تنبيهه ڪئي جنهن کان پوءِ ٽرين کي منزل ڏانهن روانو ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.