سنڌ سرڪار 52 هزار ايڪڙ زمين خانگي اداري ”گرين انيشئيٽو“ حوالي ڪري ڇڏي

 ڪراچي (رپورٽ: ذوالفقار راڄپر ). سنڌ جي نگران حڪومت سنڌي عوام جي سخت اعتراضن ، مزاحمت ۽ جدوجهد جي آئيني قانوني حقن کي پٺي ڏيندي سنڌ جي سرڪاري زمين بي زمين هارين کي ڏيڻ بدران صوبي  جي   6 ضلعن جي 52 هزار ايڪڙ زمين (خيرپور 28 هزار ايڪڙ، ٿرپارڪر 10 هزار ايڪڙ، دادو 9305 ايڪڙ، ٺٽو 1000 ايڪڙ ۽ سجاول 3408 ايڪڙ ۽ بدين ۾ 1000 ايڪڙن زمين ) هڪ پرائيويٽ اداري گرين ڪارپوريٽ ايني شيٽو کي ڏيڻ لاءِ ڪالهه جمع جي شام جو هڪ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪري ڇڏيون. ان سلسلي ۾ ريونيو واري نگران صوبائي وزير يونس ڍاگا وزيراعليٰ هائوس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ان  معاهدي جو اعلان ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت ۽ گرين ڪارپوريٽ ايني شيٽو وچ ۾  6 ضلعن ۾ 52 هزار ايڪڙ بنجر زمين پوکائي لاءِ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪيون ويون آهن. جنهن تحت 52,737 ايڪڙ زمين شروعاتي طور تي 20 سالن لاءِ گرين ڪارپوريٽ ايني شيٽو کي ڏئي پئي وڃي. هن چيو ته ڪارپوريٽ ايگريڪلچر فارمنگ لاءِ پنجاب صوبي ۾ ڪامياب پائلٽ پراجيڪٽ کانپوءِ سنڌ حڪومت ۽ گرين ڪارپوريٽ انيشيٽو (پرائيويٽ) لميٽيڊ وچ ۾ اهو معاهدو ڪيو ويو آهي. ان موقعي تي نگران قانون وارو وزير عمر سومرو، نگران اطلاعات وارو وزير احمد شاهه، ميجر جنرل شاهد نذير به ساڻس گڏ هئا. هن وڌيڪ چيو ته اهومعاهدو خاص سيڙپڪاري فيسليٽيشن ڪائونسل (SIFCايس آئي ايف سي) تحت ٿيو آهي آهي،  جيڪو بورڊ آف انويسٽمينٽ آرڊيننس 2001 جي باب IIA تحت قائم ڪيو ويو ۽ 2023 جي ترميمي ايڪٽ ذريعي پارليامينٽ ۾ متعارف ڪرايو ويو هو. جنهن تحت صوبن جي وڏن وزيرن ۽ چيف سيڪريٽرين کي بالترتيب SIFC ايپڪس ڪميٽي ۽ ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي ميمبرن طور شامل ڪيو ويو آهي. ان وقت جي سنڌ حڪومت سميت وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن، پاڪستان جي سمورن صوبن ۾ ڪارپوريٽ ايگريڪلچر فارمنگ (سي اي ايف) جي قدم کي متعارف ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو. تنهن ڪري، قومي ۽ صوبائي سطح تي جاري قدمن کي نظر ۾ رکندي، 01 ڊسمبر 2023 تي سنڌ جي نگران حڪومت پاران ڪارپوريٽ ايگريڪلچر فارمنگ (CAF) لاءِ اسٽيٽمينٽ آف  ڪنڊيشنز (SoCs) منظوري ڪيو ويو، ته جيئن ان جي پاليسي فيصلن جي تسلسل کي يقيني بڻائي سگهجي. صوبائي وزير وڌيڪ ٻڌايو ته پائلٽ پراجيڪٽ جي طور تي لاڳاپيل ڊپٽي ڪمشنرن اٽڪل 52713 ايڪڙ بنجر زمين مختص ڪئي آهي جنهن ۾ پائلٽ پراجيڪٽ لاءِ خيرپور 28 هزار ايڪڙ، ٿرپارڪر 10 هزار ايڪڙ، دادو 9305 ايڪڙ، ٺٽو 1000 ايڪڙ ۽ سجاول 3408 ايڪڙ ۽ بدين ۾ 1000 ايڪڙن زمين شامل آهي. ريونيو واري وزير چيو ته بنجر زمين جي سروي، حد بندي ۽ تصديق کانپوءِ 20 سالن جي لاءِ پرائيويٽ اداري حوالي ڪئي وئي آهي. ان کان علاوه ان ڳالهه کي به يقيني بڻايو وڃي ته ڪنهن به ڳوٺ، ڪچي آبادي، پاڙي، عارضي پناهه، چراگاهن جي زمين، موسمي پوک، رينج، ڪا به وسندي، سهولت، ممڪنه کاڻ وارن علائقن ۾ موجود ڪنهن به زمين تي غور نه ڪيو ويندو. پهرين کان ئي ڪنهن به عوامي مقصد لاءِ مختص ڪيل زمين، جنهن ۾ موٽر ويز، سپر هاءِ ويز، نيشنل هاءِ ويز، رستا، جيل، ريلوي لائينون، آبپاشي چينل، جهنگلي جيوت جون پناهه گاهه، نيشنل پارڪ، جبل جا سلسلا، ورثي وارا ماڳ، مذهبي ماڳن، قبرستانن، ٻيلن جي زمين سميت تمر جي رهائش ۽ محفوظ ٻيلن جون آبي گذرگاهون، اهم حفاظتي اڏا، بندرگاهن ۽ سامونڊي ڪنارن کي به شامل نه ڪيو ويندو. ڪمپني پنهنجي خالص منافعي جو 20 سيڪڙو مقامي علائقي ۾ تحقيق ۽ ترقي تي خرچ ڪندي. زمين ملڪيت جي طور تي نه ڏني ويندي پر صرف پوکي جي مقصدن لاء ڏني ويندي، زمين سنڌ حڪومت جي ملڪيت هوندي. منصوبن سان ڪنهن به مقامي جي حق کي متاثر نه ڪيو ويندو. مقامي آبادي جا پاڻي حق متاثر نه ٿيندا. صرف آبپاشي چينلن تي ڀروسو ڪرڻ بدران، ڪمپنين کي پاڻي جي وسيلن کي متبادل طريقن سان منظم ڪرڻو پوندو. هن چيو ته پراجيڪٽ ايريا ۾ روڊن ۽ پيچرن سميت سمورا رستا، جيڪي روايتي طور مقامي آبادي استعمال ڪندي رهيي آهي، عوام جي واپاري ۽ عوامي مقصدن لاءِ مفت استعمال لاءِ کليل رهندا. ان منصوبي لاءِ معدني صلاحيت واري ڪا به زمين  شامل نه ڪئي ويندي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن وڌيڪ چيو ته ڪنهن به مسئلي جي صورت ۾ حتمي اختيار سنڌ حڪومت وٽ هوندو. چيف سيڪريٽري سنڌ جي صدارت هيٺ هڪ بورڊ آف مئنيجمينٽ قائم ڪيو ويو آهي جيڪو لينڊ مينيجمينٽ ۽ زمين جي مسئلن بابت سمورا فيصلا ڪندو..

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.