ڇا اوهان کي ٽڪ ٽاڪ جو فاريو فيڊ اڳي کان ڪجهه مختلف نظر اچي رهيو آهي؟ ته ان جو سبب سوشل ميڊيا طرفان نئين ڪميونٽي گائيڊ لائينز جو لاڳو ٿيڻ آهي.
ٽڪ ٽاڪ جي نئين ڪميونٽي گائيڊ لائينز جو لاڳو 17 مئي کان ٿيو آهي، جنهن جو باضابطا اعلان اپريل 2024 ۾ ڪيو ويو هو.
ٽڪ ٽاڪ طرفان نئين پاليسي ذريعي فاريو فيڊ ۾ نفرت جوڳو ۽ گمراهه ڪندڙ مواد جي روڪٿام لاءِ قدم کنيا ويا آهن.
ڪمپني طرفان اهڙي موضوعن جي ڊگهي فهرست ترتيب ڏني وئي آهي، جنهن کي هاڻي ايپ جي فاريو فيڊ لاءِ رڪيومينڊ نه ڪيو ويندو.
ان فهرست ۾ ڪجهه ڪيٽيگريز ته عام آهن، جيئن نامناسب يا پرتشدد مواد، پر ان سان گڏو گڏ ڪجهه اهڙن موضوعن کي به شامل ڪيو ويو آهي جو ماضيءَ ۾ ايپ اندر تڪرار جو سبب بڻجي چڪا آهن.
ڪمپني طرفان هڪ نئون اڪائونٽ اسٽيٽس فيچر به متعارف ڪرايو ويو آهي جنهن ۾ واهپيدار کي اهو ڄاڻڻ ۾مدد ملندي ته ايپ جي اصولن جي خلاف ورزي ته نه ڪري رهيو آهي.
قاعدن جي خلاف ورزي تي ٽڪ ٽاڪ جو اڪائونٽ اسٽيٽس واهپيدارن کي اڪائونٽ يا پوسٽس تي لڳندڙ اسٽرائيڪ جي باري ۾ ٻڌائيندو.
Tiktok Meta ForYou